سچو دين

سچو دين (ڪتاب): هي ڪتاب سيد قطب شهيد جي تحرير آهي، جنهن جو سنڌي ترجمو عبدالواحد مورياڻيءَ ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ اٺ مضمون آهن. مصنف اسلام کي جامع ۽ مڪمل دين جي حيثيت سان متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش سان گڏ ٻين مذهبن سان تقابلي جائزو پيش ڪيو آهي. ڪتاب جو مقدمو محمود احمد غازيءَ لکيو آهي.
پڪي جلد ۽ رنگين ٽائيٽل، ڊيمي سائيز جي 121 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب 1992ع ۾ دعوة اڪيڊمي، بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي، اسلام آباد پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو. هن ڪتاب جي قيمت ڄاڻائي نه وئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو